اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان جي واپار ۽ صنعت واري وزير ناصر احمد غورياني ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻطرفي واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان ??وقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان پن??نجي پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، موجوده پارليامينٽ افغانستان سان ??طرفي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ منصوبو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي ۽ افغانستان ان ??نصوبي جي ڪري خطي جي ٻين ملڪن سان ??اپار جو گيٽ وي ثابت ٿيندو.