اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيرا??ظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وزيرا??ظم کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 263 آفيسرن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا ??هن. وزيرا??ظم آفيس پاران 833 آفيسرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. وزيرا??ظم آفيس 403 سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وزيرا??ظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيسرن جي ناقص ڪارڪردگي جو نوٽيس ورتو هو.