اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان خميس ڏينهن سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قائدايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ پارلياماني معاملن ??ميت ٻين اهم معاملن ??ي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايوان ۾ خوشگوار ماحول ۾ بحث ۽ قانونسازي پارليامينٽ جي عزت ۾ اضافو ڪندي، موجوده چونڊ عمل ۾ شفافيت وقت جي اهم ضرورت آهي، مخالف ڌر کي پارلياماني ڪميٽي جي قيام جي ل??ءِ خط لکيا ويا آهن جواب جو انتظار آهي، مستقبل جي ل??ءِ چونڊ عمل تي اعتماد کي بحال ڪرڻ مخالف ڌر ۽ حڪومت جي گڏيل ذميد??ري آهي، اسد قيصر چيو ته چونڊ سڌاران جي ل??ءِ پارلياماني ڪميٽي جي قيام جو مخالف ڌر پاران نالا وصول ٿيڻ تي نوٽيفڪيشن ج??ري ڪيو ويندو.