جد?? – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان جي ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ موجود هئا، منهنجي س??ودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان پڻ و??هڪ ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ هڪ مف??هم??ي ياداشت تي صحيحون ٿيون جنهن سان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي. سعودي عرب پاڪستان کي س??ودي ڊيولپمينٽ فنڊ مان 500 ملين ڊالر جي رقم فراهم ڪندو. سعودي عرب کي ايندڙ 10 سالن دوران 10 ملين افرادي قوت گهربل هوندي، ان گهربل ورڪ فورس جو وڌيڪ حصو پاڪستان مان کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزير جده ۾ وزيراعظم جي س??ودي عرب جي دوري جي حوالي س??ن خصوصي ميڊيا ٽاڪ دوران ڪيو.