اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم جي صدارت ۾ ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) بابت ذيلي ڪميٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد کانسواءِ گهرو وزارت ۽ نيب جا اعليٰ عملدار پ?? اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ شامل ۽ ڪڍيا ويندڙ ماڻهن جي فهرستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مخ??لف کاتن جا نمائندا ۽ انفرادي حيثيت ۾ مخ??لف ماڻهو پيش ٿيا جن جو موقف معلوم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي فيصلا ڪيا ويا. ذيلي ڪميٽي جي عملدارن پاران مخ??لفت جي باوجود مخ??لف نالن کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي.