اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن واري پروگرام جو اهم حصو آهي. ادارن جي وقت سر ۽ شفاف نجڪا??يء?? کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ سرڪاري ادارن جي نجڪا??يء?? جو هفتيوار جائزه اجلاس نجڪاري وزارت ۾ منعقد ٿيو. نجڪاري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ سيڪريٽري نجڪاري سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي مختلف سرڪاري ادارن جي نجڪا??يء?? تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران جناح ڪنيونشن سينٽر، ايس ا??م اي بئنڪ، پارڪ ري انشورنس سميت ٻين مختلف ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي تفصيلي جائز?? ورتو ويو. وفاقي وزير کي سرڪاري پراپرٽيز جي وِڪري، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ـ سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته فنانس ڊويزن طرفان هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي بورڊ جي منظو??يء?? لاءِ سمري وزيراعظم آفيس موڪلي وئي آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه مان بورڊ جي منظو??يء?? کانپوءِ ايڪسپريشن اينڊ انٽريشن شايع ڪيا ويندا. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ جي اڪائونٽس جي آڊٽ لا??ِ آڊٽ فرم جي خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي.