اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ??لاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي فيز 2 ?? پارٽي تنظيم سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان ??وقعي تي وزيراعظم عمران خان کي صوبي ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي اين??ڙ مرحلي ۾ ڪاميابي جي لاءِ پارتي صفن ۾ اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط ??ي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ممڪن قدم کنيا وڃن. هن صوبي ۾ سمورن جاري ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن صوبي ۾ رهن??ڙ ماڻهن کي جلد کان جلد رليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.