اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روز??ني الاخبار جي چيف ايڊيٽر غلام اڪبر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غلام اڪبر صحافت جي شعبي ۾ پنهنجي جدا ??ڃاڻپ ۽ مقام رکندو هو، الاخبار ۾ سندس ڪالم ”اڄ جي ڳالهه“ جا پڙهندڙ سدائين منتطر رهندا هئا. پنهنجي تعزيتي ب??ان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عط?? فرمائي.