اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته راوي اربن ڊيولپمينٽ ??ٿا??ٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي ماحولياتي توازن ۽ بهتري لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ منصوبا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊيولپمينٽ ??ٿا??ٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انهن منصوبن جي ذريعي وسيلن کي صحيح طريقي سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. اهي منصوبا ان لحاظ کان مثال هوندا ته انهن جي ذريعي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ايندي. ان کان اڳ راوي اربن ڊيولپمينٽ ??ٿا??ٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ??مر??ن امين وزيراعظم کي منصوبي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته مختلف منصوبن جن ۾ چهار باغ، انڊسٽريل ??سٽيٽ، واٽر ٽريننگ ورڪ، سفائر بي، ويسٽ ٽريٽمينٽ پلان سميت مختلف منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ سمورا انتظامي ۽ ماحولياتي مسئلا حل ڪيا ويا آهن ۽ ڪم تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم کي باب پاڪستان جي تعمير بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 1900ع کان هيستائين والٽن جي تاريخ کي عجائب گهر ۾ محفوظ ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ايل ??ين جي پاور پلانٽ پڻ لڳايو ويندو ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ هڪ جديد ٽيچنگ اسپتال پڻ تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ته والٽن جي منصوبي تي پڻ ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وزيراعظم کي راولپنڊي ۾ ناله لئي ۽ رنگ روڊ منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا منصوبا ملڪ جي قومي مفاد جي لاءِ تمام اهم آهن. هن لاڳاپيل ??ملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اطل??عا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزياعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ ??ٿا??ٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، راوي اربن ڊيولپمينٽ ??ٿا??ٽي جي سي اي او ??مر??ن امين ۽ لاڳاپيل ??ينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته مقامي حڪومتن جي صوبائي وزير محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور ۽ پنجاب جي لاڳاپيل ??ملدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.