اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 22 اپريل تي پنجگور ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر شاهد بشير جي والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد کي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان ??وجب صدر سان ڳالهائيندي شهيد جي والده چيو ته وطن جي خاطر هڪ ٻيو پٽ به شهادت لاءِ موڪلڻ چاهيان ??ي. صدر عارف علوي 22 اپريل تي اتر ??زيرستان ۾ سرحد پا?? حملي جي شهيدن جي پوئينر?? سان به تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر حوالدار تيمور، سپاهي ثاقب نواز ۽ نائيڪ محمد شعيب جي وارثن سان ??يليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي بلند درجن، وارثن کي پيارن جي جدائي جو ڏک برداشت ڪرڻ جي همت لاءِ ب?? دعا ڪئي.