گلگت/اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هاءِ اسڪول نمبر 1 گلگت ۾ ٻارن کي ٽيڪنالاجي سان متعارف ڪرائڻ جي سلسلي ۾ لڳايل ڪيمپ جو دورو ڪيو، صدر اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ??ديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪ??پيوٽر پروگرامنگ، ويب ڊولپمينٽ جي تربيت ڏيڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گلگت ۾ ڪيمپ جي دوري دوران صدر کي ٽيڪنالاجي ڪيمپ ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو، شروعاتي طور تي 30 سرڪاري اسڪولن جي 1500 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ??نيادي ٽيڪنالاج?? ۾ ??ربيت ڏني ويندي، ايندڙ مرحل?? ۾ ??ن اهم پروگرام کي 130 سرڪاري اسڪولن تائين سگهه ڏني ويندي، صدر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مهارت حاصل ڪندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي، هن گلگت ۾ ٽيڪنالاجي بوٽ ڪيمپ جو باقاعده افتتاح به ڪيو.