گوادر – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترقي جي ??اءِ سمورن صوبن ۽ علائقن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو، ٻاهرئين قرضن تي دارومدار بدران زراعت، صنعت سميت مختلف شعبن ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻي پوندي، چين سميت دوست ملڪ سيڙپڪاري جي ذريعي اسان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصو وجهي رهيا آهن، عوام پرڏيهي سيڙپڪاري جي ??حافظ بڻجي، پرڏيهي رهواسين جي سلامتي اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز هجڻ گهرجي، دشمن ڪجهه ماڻهن کي هٿيار بڻائي انهن کي نشانو بڻائين ٿا، پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان جي ??اءِ سڀ کان وڌيڪ 100 ارب جي رقم رکي وئي آهي، گوادر ۾ ماهيگيرن کي ٻيڙين جي ??اءِ 2 هزار انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، انهن جي ??اءِ 200 ايڪڙ تي ٻڌل ڪالوني ٺاهي ويندي، يونيورسٽي جي تعمير جلد مڪمل ڪئي ويندي، پيئڻ جي ??اڻي جو مسئلو حل ڪيو ويندو، ايران سان 100 ميگاواٽ بجلي جي ??راهمي جو معاهدو ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دوري دوران بزنس سينٽر ۾ مقامي ماهيگيرن سان ملاقات جي ??وقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جي ??ڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، وفاقي وزير احسن اقبال، خرم دستگير، اسعد محمود، شاهه زين بگٽي، نويد قمر کانسواءِ مصدق ملڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته سندس ڏيڍ مهيني جي اندر گوادر جو هي ٻيو دورو آهي جنهن جو مقصد گوادر جي ??اهيگيرن ۽ رهواسين جي ??سئلن جو حل ڪڍڻ آهي. هن چيو ته جيستائين گوادر ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿا ٿين ۽ ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين ۽ ان جو اطمينان نه ٿو ٿئي تيستائين ترقي جو عمل بي معنيٰ آهي. هن چيو ته گوادر جي بندرگاهه بلوچستان جي عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو انقلاب آڻيندي پر ان جي ??اءِ ضروري آهي ته گوادر ۽ ان جي ڀرپاسي ۽ صوبي جي عوام جي ??سئلن کي سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هو ان وقت تائين سک سان نه ويهندا جيستائين گوادر ۽ بلوچستان جي عوام جا مسئلا حل نه ڪري وٺن، مقامي آبادي جي شرڪت کانسواءِ ترقي جا ثمر حاصل نه ٿا ڪري سگهجن. وزيراعظم گوادر جي ??اهيگيرن جي ??يڙين جي ??اءِ 2 هزار انجڻيون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته بلوچستان حڪومت جي ??شاورت سان شفاف طريقي سان اهو عمل مڪمل ڪيو ويندو ۽ پيپرا رولز جي ??اسداري ڪندي ٽن مهينن جي اندر انجڻين جي ??هچ جو عمل شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم فشر ڪالوني جي ??اءِ 200 ايڪڙ زمين فراهم ڪرڻ جي ??نظوري پڻ ڏني ۽ چيو ته صوبائي حڪومت سان گڏجي ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي سيپٽمبر تائين پاڻي جي ??راڻي پائيپ لائين تبديل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ترقي جي ??نصوبن ۾ دير ڪئي وئي، اهو ڪم اڳ به ٿي سگهيو پئي پر هاڻي ماضي ۾ وڃڻ ۽ روئڻ ڌوئڻ جو ڪو فائدو نه آهي، گوادر جي ??اءِ بجلي جي ??راهمي جو معاملو ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار آهي، ايراني سفير يقين ڏياريو ته انهن پاران ڪا دير نه آهي، اسان پاران 29 ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائين وڇائڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويا، هاڻي ايران سان 100 ميگاواٽ بجلي جي ??راهمي جو معاهدو ٿي ويو آهي، اڱاري ڏينهن اهو معاملو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪم شروع ٿي 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو پر مون هدايت ڪئي آهي ته اهو ڪم ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته چين اسان جو دوست ملڪ آهي جنهن 3700 سولر يونٽ فري ورهايا آهن، بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ?? بجلي جي ??راهمي جي ??اءِ هي بهترين منصوبو آهي، بدقسمتي سان ان ۾ به ماضي ۾ ڏوهاري غفلت ۽ دير ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته گوادر جي عوام جي حقن تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، گوادر ۾ يونيورسٽي جي تعمير جلد مڪمل ڪئي ويندي ته جيئن نوجوا??ن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري سگهجي ۽ هتان جا نوجوان به ڪراچي ۽ لاهور جي برابر اچي سگهن. وزيراعظم چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان جي ??اءِ سڀ کان وڌيڪ 100 ارب جي رقم رکي وئي آهي جڏهن ته سنڌ جي ??اءِ 61 ۽ پنجاب جي ??اءِ 58 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اهو بلوچستان تي ڪو احسان نه آهي پر اهو اسان جو اخلاص ۽ محبت آهي جو اسان ترقي ۾ پٺتي رهجي ??يندڙ علائقن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا ۽ اهو قائداعظم جي ??يزن موجب آهي. وزيراعظم چيو ته چار ئي صوبا ۽ ڀائر گڏجي ئي ترقي ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيءَ ۽ قطر سميت پاڪستان جي دوست ملڪن هر سٺي خراب وقت ۾ اسان جو ساٿ نڀايو آهي، ڪجهه سال اڳ پاڪستان ۾ 20، 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيدنگ ٿيندي هئي، اهڙي وقت ۾ چين سي پيڪ تحت هزارين ميگاواٽ جا پن ۽ ٿرمل بجلي جا منصوبا لڳايا ۽ اسان جو هٿ پڪڙيو جڏهن ته سعودي عرب ڏيڍ ارب ڊالر ۽ مفت تيل ڏنو، ڇا اسان کي انهن دوست ملڪن کي پاڻ سان ملائڻ گهرجي ??ا انهن کي پري ڪريون؟ چين تازو ئي 2.3 ارب ڊالر جو آسان شرطن تي قرض ڏئي رهيو آهي پر اسان ڪيستائين دوست ملڪن کان وٺندا رهنداسين ۽ ڪيستائين اهو سلسلو هلندو جڏهن ته ٻيون قومون مشڪلاتن مان نڪري پنهنجي ??يرن تي بيهي رهيون آهن پر اسان اڃا تائين قرض وٺي گذارو ڪري رهيا آهيون، اسان کي ٻاهرئين قرضن تي دارومدار ڪرڻ بدران زراعت، صنعت سميت مختلف شعبن ۾ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو، دوست ملڪن کان اسان کي سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ وٺڻي آهي ۽ واپار ڪرڻو آهي، دوست ملڪ اسان جي غيرمشروط مدد ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي ??لڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، اهڙي ۾ دشمن ڪجهه ماڻهن کي هٿيار بڻائي دوست ملڪ جيڪي پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ حصو وجهي رهيا آهن انهن جي شهرين کي نشانو بڻائين ٿا ته ان سان سيڙپڪاري کي نقصان پهچي ٿو، اسان کي دوست ملڪن جي شهرين کي پنهنجو مهمان سمجهڻ گهرجي، انهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، انهن جي سلامتي اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته دوست ملڪ ڏورانهن علائقن ۾ به وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر اسان کي انهن جي انجنيئرز ۽ ڪارڪ??ن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻي آهي نه ته اهي سيڙپڪاري نه ڪندا. وزيراعظم چيو ته غيرقانوني ماهيگيري روڪڻ ۽ قانون جي ??ابندي جي ??اءِ ڪميٽي ٺاهي ويندي ۽ گڏجي اهو معاملو طئي ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته بي آءِ ايس پي تحت بلوچستان جي ??ڌيڪ 5 لک ماڻهن کي وظيفا ڏنا پيا وڃن پر مستقبل ۾ اهي وظيفا رڳو انهن مستحقين کي ملندا جيڪي پنهنجي ??ارن کي اسڪول موڪليندا. وزيراعظم چين جي گرانٽ جي باوجود ترقي جي ڪجهه منصوبن تي ڪم شروع نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن وڏي وزير کي ڏيڍ سئو بيڊ جي خيراتي اسپتال جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي ??ڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته موجوده حڪومت بلوچستان جي ترقي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن عوام تي زور ڏنو ته اهي پرڏيهي سيڙپڪاري جي ??حافظ بڻجي ۽ پرڏيهي رهواسين جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي. ان کان اڳ بلوچستان جي ??ڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو خطاب ڪندي چيو ته گوادر جي ترقي بلوچستان ۽ پاڪستان جي ترقي آهي، گوادر ۾ تعليمي ادارن جي ??اءِ بجيٽ ۾ 700 ملين رپيا رکيا ويا آهن، سرحدي علائقن ۾ ڪمرشل مارڪيٽون قائم ڪيون پيون وڃن، گوادر جي ??اءِ صوبائي بجيٽ ۾ 1652 ملين رپيا فراهم ڪيا ويا آهن، گوادر کي پيئڻ جي ??اڻي جي ??راهمي جي ??اءِ پڻ بجيٽ ۾ رقم رکي وئي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم بلوچستان جي ترقي کي اولين ترجيح ڏيندو. ان موقعي تي ماهيگيرن جي ??مائندن وزيراعظم کي پنهنجي ??سئلن کان آگاهه ڪيو.