ڊيره اسماعيل خان – 11 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ڊيره اسماعيل خان ۾ به آزادي جي ڏهاڙي ملهائڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ سبز هلالي قومي جهنڊن، جهنڊين بيجز سميت ٻين نئين ڊيزائين جو?? شيون وڪرو ڪرڻ جي لاءِ اسٽالز قائم ڪيا ويا آهن. جشن آزادي جي تيارين جي سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ هو ته وڌندڙ م??انگائي جي هن دور ۾ آزادي جي ڏهاڙي جو?? شيون خريد ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ضرور آهن پر آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو ج??بو ختم ناهي ٿيو. انشاءَ الله 14 آگسٽ شاندار طريقي سان ملهائينداسين.