غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان جي علائقي بوبر، غذر جو دورو ڪيو ۽ برسات ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي غذر ۾ برساتن ۽ بوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هتي 17 ماڻهو فوت ٿيا، 249 گهر تباهه ٿيا جڏهن ته 794 چومايو مال مري ويو آهي ان سان گڏ وسيع زرعي زمين ۽ باغن کي به نقصان پهتو آهي. ان موقعي تي اڳوڻو وڏو و??ير حافظ حفيظ الرحمان، وزيراعظم جو ??شمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.