اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي، مليريا، ڊائريا ۽ مختلف بيمارين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي تيزيءَ سا?? سُڃاڻپ لاءِ مختلف ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن ۽ـ ق??مت?? جانين کي بچائڻ لاءِ فوري طبي امدا?? فراهم ڪئي پئي وڃي. پاڪ فضائيه جا هي??يڪاپٽر ۽ ٽرانسپورٽ ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سا?? گڏوگڏ خوراڪ ۽ طبي سا??ان جي چُرپر ۾ به حصو وٺي رهيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند خاندانن ۾18510 پڪل کاڌي جا پئڪيٽ، 300 پاڻيءَ جون بوتلون ۽ 1920 بنيادي غذائي جنسن تي ٻَڌل راشن پئڪيٽ ورهايا. وڌيڪ مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي کانسواءِ پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپس ۾ پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمون 1440 مريضن جو مفت علاج ڪيو.