اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن فنڊيڊ فتني مڃي ورتو آهي ته هن آرمي چيف کي اڻڄاتل مدي تائين توسيع جي آڇ ڪئي هئي، ان سا?? اهو ئي سلوڪ ٿي رهيو آهي جنهن جو هو مستحق آهي، سمورا والدين پنهنجي ٻارن، ٻارڙين ۽ فيمليز کي سڀاڻي عمران خان جي خوني مارچ کان محفوظ ??کن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته عمران خان تو??ان ڪرپشن نه ڪئي، چار سا?? ڌاڙا هنيا آهن. هن چيو ته الحمدالله، ملڪ تباهي طرف وڃڻ کان ڇهه مهينا اڳ بچي و??و، اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو فوج جي اميج کي بهتر نه پر صرف فوج ۾ بغاوت ۽ شهيدن جي خلاف مهم هلائي سگهي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف کي رڳو فارن فنڊيڊ فتني ڪريش ڪيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله ڏوهاري هئا ته تو??ان چار سا?? ۾ ثابت ڪري ڇڏيو ها، جاسوسي جي اجازت عمران خان پاڻ ڏني هئي، عمران خان اقتدار ۾ ايندي ئي پنهنجن ??يجهن ماڻهن کان اکيون ڦيري ڇڏيون، عمران نيازي کي آزاد ميڊيا کان نه پر پنهنجي اندر جي فتني جو خوف هو. هن چيو ته چونڊون آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ايندڙ سا?? ٿينديون.