اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اها اسان جي گڏيل اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آهي ته اسان خصوصي ماڻهن جي ??رڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي ??اءِ قدم کڻون، معاشري ۾ انهن جي خلاف امتيازي سل??ڪ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي دوري دوران ڪيو، جتي هن پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ??ئي. خصوصي ماڻهن جي ??هچ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن ان سلسلي ۾ موجوده قانونن تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان حوالي سان موجوده خال کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن هڪ اهڙي جامع معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائي سگهجي جتي خصوصي ماڻهن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿي سگهن. هن چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو هڪ اهم طبقو آهن ۽ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جن ۾ خصوصي ماڻهن پنهنجي ??عذوري کي پنهنجي ??ٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن. هن ڪراچي چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ معذور ماڻهن جي ??اءِ مالي شموليت ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه عارف علوي ڪي سي سي آئي جي اهم ميمبرن سان گڏوگڏ اهم ڪاروباري شخصيتن، مقامي اين جي اوز جي ??مائندن ۽ ٻين مختلف ڌرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ??ئي. ان دوران معذور ماڻهن جي ??اليت شموليت جي راهه ۾ ايندڙ مختلف رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.