اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گڏي?? عرب امارات ۾ آهي، نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ کي خطاب ۾ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته دبئي ۾ نگران وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ سربراهي اج??اس ۾ اعليٰ سطحي شرڪت ۽ سائيڊ لائينز تي ٻطرفيون ملاقاتون شامل آهن. هو ڇنڇر ڏينهن سربراهه اج??اس کي خطاب ڪندو جتي هو موسمياتي تبديلي لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ ڪيل واعدن جي وڪالت ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم موسمياتي ريزيليئنس جي لاءِ برابري ۽ عالمي تعاون تي به زور ڏيندو. ترجمان چيو ته ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان جو مقصد ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ کي بحال ڪرڻ جي لاءِ گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ سان هڪ بامعنيٰ نتيجاخيز ۽ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر گڏ ڪرڻ جي ڊگهي مدي و??ري هدف کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن سان تعاون ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي موسمياتي سربراهي اج??اس جي لاءِ دبئي وڃڻ کان اڳ نگران وزيراعظم 26 – 28 نومبر تي گڏي?? عرب امارات ۽ 28 – 29 نومبر تي ڪويت جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏي?? عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال ۽ انساني همدرديءَ جي صورتحال تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪوپ – 28 جي لاءِ گڏي?? عرب امارات جي صدارت لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ به ڪيو. ڌرين توانائي، پورٽ آپريشن پراجيڪٽس، ڪچري جي صفائي، پاڻي جي صفائي، خوراڪ جي حفاظت، لاجسٽڪس معدنيات، بئنڪنگ ۽ ماليا??ي خدمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪ??ري جي تعاون بابت ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.