لاهور – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ??رڻ جي لاءِ تڪڙا فيصلا ??رڻ جي ضرورت آهي، سست فيصلاسازي قومي ترقي جي عمل ۾ رڪاوٽ آهي، محتسبين سرڪاري ادار?? جي بدانتظامي جي خلاف متاثر شڪايت ڪندڙن کي فوري ۽ معياري انصاف فراهم ??رڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي اهتمام هيٺ انشورنس محتسب جي آفيسرن، ڪمپني?? جي سي اي اوز ۽ ايم ڊيز جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ترقي جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، صحيح رخ جي لاءِ ايمانداري ۽ فوري فيصل?? جي ضرورت آهي. صدر انشورنس محتسب پاران متاثر پاليسي هولڊرز کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ جو مالي ريليف فراهم ??رڻ جي ڪارڪردگي تي مبارڪباد پڻ ڏني. هن چيو ته ميرٽ تي پختو يقين آهي ۽ بطور صدر پنهنجي دور ۾ ڪڏهن به ڪنه?? جي سفارش نه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جو رخ بدلجندو، الله ان کي بي پناهه صلاحيتن ۽ باصلاحيت نوجوانن سان نوازيو آهي. صدر وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل جي پاليسي هولڊرز کي انشورنس ڪمپني?? جي بدانتظامي جي خلاف انصاف جي فراهمي ۾ ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر محمد خاور جميل چيو ته صدر جي رهنمائي ۾ ايف آءِ او پنهنجي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آندي آهي ۽ گذريل سال 6000 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي. صدر انشورنس ڪمپني?? جي نمائندن ۽ انشورنس محتسب جي آفيسرن ۾ بهتر ڪارڪردگي تي اعترافي شيلڊز پڻ ورهايون. بعد ۾ صدر سان لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ذهني صلاحيت، ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چيو ته واپاري برادري عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ته جيئن اه?? معاشي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو وجهي سگهن. هن چيو ته ملڪ کي غذائيت جي کوٽ ۽ 26.2 ملين اسڪول کان ٻاهر ٻار?? جي تعليم جهڙا چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته سمورن چئلينجز کي مڪمل ديانتداري سان ترجيحي بنيادن تي حل ??رڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خاندانن ۾ ذهني صحت جي مسئلن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي لاءِ مجمو??ي ذهني صحت ۽ تندرستي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هڪ ٽول ڪِٽ هر گهر ۾ دستياب هج?? گهرجي. وفد جي ميمبرن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ٻين سماجي ۽ صحت جي مسئل?? جي حوالي سان شعور اجاگر ??رڻ جي لاءِ صدر ۽ خاتون اول جي ڪوششن کي ساراهيو.