ا??لا?? آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊ??ره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي جوانن صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نواز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي ??لا??تي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي ??لا?? پيش ڪريون ٿا.