اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي ??ي) صدر آصف علي زرداري خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سي??سي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي ??اڪ??تان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اتي قابض ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي وز??راعظم انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته عالمي برادري ڀارت تي انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال، ترقي سان ??اڳ??پيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن، سياحن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ آزاد ڪشمير جي سياحت جي شعبي کي ڀرپور صلاحيت تائين ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سياحت سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ معاشي سرگرمين جي فروغ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته ??اڪ??تان آزاد ڪشمير جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو. آصف علي زرداري چيو ته آزاد ڪشمير جي نوجوانن کي جديد ترين هنر ۽ تعليم سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنرمند نوجوان آزاد ڪشمير جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته ??اڪ??تان ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي مدد ڪري سگهي ٿو. صدر آزاد ڪشمير جي وز??راعظم ۽ سندس حڪومت کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو. آزاد ڪشمير جي وز??راعظم ان موقعي تي صدر کي آزاد ڪشمير جو دورو ڪرڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. صدر آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ تازين برساتن سان ??اڳ??پيل واقعن دوران قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت متاثر خاندانن جي مدد ڪندي.