اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چنڊ جي لاءِ پاڪستان جي پهرين سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ تي مبارڪب??د ڏيندي چيو آهي ته سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ پاڪستان جي خلائي پروگرام جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، پوري پاڪستاني قوم کي ان اهم ڪاميابي تي فخر آهي. ايوا?? صدر جي پريس ونگ موجب صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، اسپارڪو ۽ چين جي قومي اسپيس انتظاميا کي ان ڪاميابي تي مبارڪب??د ڏني ۽ خلابازي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان کي خلابازي جي شعبي ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪرڻيون آهن، اميد آهي ته پاڪستان جا خلائي تحقي??ي ادارا ۽ سائنسدان وڌيڪ محنت، لڳاءُ ۽ منصوبابندي سان ملڪ جو نالو ر??شن ڪندا.