اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ڪاروباري وفد جي ڪامياب دوري کي ملڪي معيشت جي لاءِ اهم سنگل ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي ڪمپنين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جو جائزو ورتو آهي، سعودي وفد جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۾ هڪ نئون دور ڏٺو آهي، وفد جي سربراهه پاڪستاني عملدارين جي تياري کان تمام گهڻو متاثر ٿيو، وفد دور?? جي اڳڀرائي کان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي ڪاروباري وفد پاڪستان جو دورو ??يو آهي ۽ پاڪستان جي مهمان نوازي جو کليل دل سان اعتراف ??يو آهي. سعودي وفد جي سربراهه جهڙي انداز ۾ پاڪستاني عملدارن کي ساراهيو ان سان تمام گهڻي خوشي ٿي آهي 7 ڀائر ملڪ سعودي عرب جي وفد جنهن گرمجوشي جو مظاهرو ??يو اهو منهنجي لاءِ فخر جوڳو آهي. سعودي وفد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪار?? جي حوالي سان وزيرن جي تياري کي تمام گهڻو ساراهيو. هن دوري تي انتهائي اطمينان جو اظهار ??يو آهي ۽ چيو آهي ته هو انتهائي خوشي سان واپس وڃي رهيا آهن ۽ واپس سعودي عرب وڃي ٻڌائيندا ته اسان پاڪستان ۾ هڪ نئون دور ڏٺو آهي. هتي اسان جي بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ٿيون. پاڪستاني عملدارن وفد کي ڀرپور ط??يق?? سان پريزينٽيشز ڏنيون جيڪا اسان جي لاءِ انتهائي حوصلي جوڳي ڳالهه آهي. سعودي وفد دور?? جي اڳڀرائي کان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪندو. وزيراعظم دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ واپار واري وفاقي وزير، پيٽروليم واري وفاقي وزير، ناڻي واري وفاقي وزير، هوابازي ۽ بجلي واري وفاقي وزير سميت لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ وزارتن جو وڏو اهم ڪردار رهيو آهي، انهن جون بهترين ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن جنهن تي انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هن دوري کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عملدارن جو هڪ اجلاس طلب ??يو آهي. هي انتهائي اهم ڏينهن هو.