اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين جي ??زيراعظم پيڊرو سانچيز جي ??لسطين کي باضابطا رياست تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسپين جهڙي ملڪ جو فلسطين جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ عالمي منظرنامي تي هڪ مثبت اڳڀرائي ۽ خوش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پيڊرو سانچيز ۽ اسپين جي ??اڻهن معصوم فلسطينين تي اسرائيل پاران جاري تاريخي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غا??باڻي ارادن کي ان فيصلي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، رفح ۾ اسرائيل جي اشتعال انگيز بمباري جي ??تيجي ۾ وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشيءَ کي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي ??عصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي ??ڪ آزاد فلسطين ۽ بيت المقدس کي بطور ان جي گادي وارو شهر قائم ٿيڻ تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??اي?? جاري رکندو.