اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي تيارين ۽ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ا??لي?? سطحي اجلاس جي صدار?? ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن تي ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ واپار، منصوبابندي ۽ ترقي، نجڪاري ۽ مواصلات ۽ بجلي جي وزيرن کانسواءِ پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فربادوف ۽ دفاع واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪ?? ڪئي.