اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پ??ڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿ??و. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ا??پ??ڪر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پارليامينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو ملڪي ترجيحن ۽ ترقي سان گهرو تعلق آهي. قومي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آه??. ش??افيت کي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي فنانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو ويندو. اسپ??ڪر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي ا??پڪرز کي به گورننگ بورڊ جو مستقل ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي ا??پ??ڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبلي جي ا??پ??ڪر اويس قادر شاهه، بلوچستان اسيمبلي جي ا??پ??ڪر عبدالخال?? خان، خيبرپختونخوا اسيمبلي جي ا??پ??ڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي ا??پ??ڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي ا??پ??ڪر نذير احمد کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال اظهر ڪياني، وجيه قمر، خورشيد احمد جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.