اسلام آباد – 25 ?? جولائي (اي پي پي) پاڪستان فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن بامقصد ڳالهين جي لاءِ فلسطيني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چين جي ڪردار کي تسليم ڪن??ي ان کي ساراهيو. ترجم??ن چيو ته فلسطين?? عوام خاص طور تي غزه ۾ جاري جنگي ڏوهن ۽ اسرائيلي قا??ض فوج پاران عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي جي ڏس ۾ فلسطين?? عوام جي وچ ۾ اتحاد انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها غزه ۾ جاري غيرقانوني ۽ مسلسل جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. ترجم??ن چيو ته اسان فلسطين?? عوام جي خودمختياري جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ، انهن جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ آزاد فلسطيني رياست قا??م ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا.