اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري لاءِ خاص اقتصادي زونز قائم ڪري رهي آهي، حڪومت عوام ۽ واپارين کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ جي قيا??ت ۾ وفد س??ن ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته حڪومت صنعتن جي درپيش مسئلن کي حل ڪري رهي آهي، حڪومت عوام ۽ واپارين کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاري لاءِ خاص اقتصادي زونز قائم ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ايف پي سي سي آءِ جي وفد مهانگي بجلي ۽ آءِ پي پيز سان ناجائز معاه??ن جو معاملو اٿاريو. ??ن موقعي تي عاطف اڪرام شيخ چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي وڌيڪ قيمتن سبب صنعتون بند ۽ معيشت تب??هه ٿي رهي آهي. توانائي جي قيمتن کي علائقائي ملڪن جي برابر آڻڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري ۽ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ صنعت جي واڌ طرف وڃڻو پوندو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وفد کي واپاري برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.