اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانونن ۽ سفارتي اصولن خلاف آهي. پر??يهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايران جي وقتي پر??يهي وزير علي باقري ڪني کي ڪالهه ٽيليفون ڪئي. ايران جي وقتي پر??يهي وزير تهران ۾ اسماعيل هانيه جي قتل تي ايراني قوم ۽ قيادت جي گهري غم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستاني عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته وزيراعظم پاڪستان غزه ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ اسماعيل هانيه شهيد جي بي رحماڻي قتل جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي اسيمبلي گڏيل طور هن مڪروهه فعل جي مذمت ڪئي آهي. اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانون، سفارتي اصولن ۽ دنيا وچ ۾ قابل قبول ترز عمل جي خلاف آهي. ايراني وقتي پر??يهي وزير نائب وزيراعظم سان ان معاملي تي پر??يهي وزيرن يج سط?? تي گهرايل او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي به درخواست ڪئي. نائب وزيراعظم او آءِ سي جي پر??يهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي مڪمل حمايت ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه جي ب?? تصديق ڪئي ته پاڪستان ان اهم اجلاس ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو.