لاهور -25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪ پي ڊبليو ڊي جي خاتمي ??بب فارغ ٿيندڙ ملازمن کي ڏني ويندڙ مالي پئڪيج انهن ملازمن تي هرگز لاڳو نه ٿيندو، جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي خاتمي ??ي حوالي سان جائزه اج??اس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ??رڻ جي حتمي مرحلي ۽ قانوني رخن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي جي خاتمي ??بب فارغ ٿيندڙ ملازمن کي ملندڙ پئڪيج انهن ملازمن لاءِ هرگز ناهي، جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪ پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن جي صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن کي منتقلي جو حتمي لائحه عمل جلد کان جلد پيش ڪيو وڃي. پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ??رڻ بابت سموريون حتمي ??جويزون ڪابينا سامهون پيش ڪيون وڃن. وزيراعظم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي گهٽ مدت وارن ملازمن ۾ م??نتي ۽ ايماندار ملازمن کي ٻيهر روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ايج رليڪسيشن جي تجويز تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اج??اس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد چيمه، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، رٿابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن ??قب??ل، هائوسنگ ۽ ورڪس وارو وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا.