اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت مقامي واپارين کي سهولتون فراهم ڪ??ڻ چاهي ٿي، مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۽ درپيش مسئلن جي ??ل لاءِ سنجيده ڪوششون جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ل??ڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي نمائندن سان ا??لا?? جي ??دارت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ جي گڏجاڻي جو بنيادي مقصد ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ آهي ۽ ان کي فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صنعت ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ تعاون فراهم ڪ??ڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي. ان موقعي تي پاڪستان ل??ڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي چيئرمين چوڌري ذوالفقار حيات وفاقي وزير جي ويزن کي ساراهيو. چيئرمين چيو ته پهريون ڀيرو هڪ وزير حقيقي طور تي انهن ڪائونسلن کي بااختيار بنائڻ جي ??اري ۾ سوچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪائونسلن لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪ??ڻ جي ??رورت آهي جنهن سان واپار واري وزارت طرف مڪمل تعاون حاصل هجي ۽ مستقبل جي قدمن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ هڪ بلٽ ان مڪينزم سان گڏ ڪم ڪيو وڃي. وفاقي وزير ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي 15 ٻين سيڪٽرل ڪائونسلن سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪن، انهن سفارشن کي وزيراعظم جي ??دارت هيٺ نيشنل ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ ۾ غور ۽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.