لاهور-31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس لاهور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، پارٽي جي نائب صدر ح??زه شهباز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پارٽي جا سينئر اڳواڻ ۽ عهديدار به موجود هئا. اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي مشاورت ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام جي رليف لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن تي پارٽي سربراهه کي بريف ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي به پارٽي صدر کي اعتماد ۾ ورتو. هن چ??و ته خسارن جوشڪار ادارن کان ڇوٽڪاري ذريعي عوامي رليف لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. وزيراعظم چ??و ته عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري ره??ا آهيون، اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به پنجاب ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جي قدمن کان پارٽي صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي خ??اب ڪندي پارٽي صدر محمد نواز شريف وفاقي حڪومت جي 50 ارب ۽ پنجاب حڪومت جي 46 ارب روپين جي عوامي رليف کي ساراهيو ۽ چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ نهايت محنت، جذبي ۽ ڀرپور صلاحيتن سان ڪم ڪري ره??و آهي. هن پنجاب جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ 14 روپيا في يونٽ رليف جي فراهمي شروع ٿيڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي شاباش ڏني ۽ چ??و ته چاهيان ٿو ته پاڪستان جي هر شهري کي مهانگائي کان جلد رليف ملي، مريم نواز ۽ سندس ٽيم شاباش جي حقدار آهي. هن چ??و ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سموريون سياسي ۽ حڪومتي قيادتن ۽ ادارن کي گڏجي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چ??و ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي خرچن مان ڪٽوتي ۽ بچت سان عوام کي رليف لاءِ وسيلا مهيا ڪن.