اسلام آباد – 11 سيٽمبر (اي پي پي )گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قاعد اعظم محمد علي جناح جي سياسي بصيرت ۽ اعليٰ قيادت کي شاندار لفظن سان خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس سخت جدوجهد، بلند حوصلي ۽ ايمانداري قاعد اعظ?? جي شخصيت کي نمايا ڪري ٿي . قاعد اعظم محمد علي جناح جي 76 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نق??ي چيو ته قاعد اعظ?? جي جرئتمن??اڻ?? قيادت بنا آزاد ملڪ جو خواب ڪڏهن پورو نه ٿئي ها . قاعد اعظم جو اهو احسان قيامت تائين نٿو وساري سگهجي، اڄ اسان آزاد قو?? جي حيثيت ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، اڄ قاعد اعظ?? جي اصولن ??ي عمل ڪرڻ جي جيتري ضرورت آهي، شايد پهريان ڪڏهن به نه هئي. هن چيو ته قاعد جي پاڪستان ۾ ڪنهن کي لساني، طبقاتي ۽ گروهي بنيادن تي فوقيت حاصل ناهي. قاعداعظ?? جي پاڪستان ۾ اقليتن سميت هر هڪ کي هڪجهڙا حق حاصل آهن. بدقسمتي سان قاعد اعظ?? جي سونهري اصولن ??ي عمل نه ڪري اسان عالمي طور پوئتي رهجي ويا آهيون. محسن نق??ي چيو ته قاعد اعظم محمد علي جناح جي اصولن ??ي هلڻ ۾ ئي پاڪستان جي ترقي جو را?? ٻڌل آهي . هن چيو ته قاعد اعظ?? جي عظيم مسلسل جدوجهد کي پاڪستاني قوم ڪڏهن نٿي وساري سگهي . اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته قاعد اعظ?? جي اصولن مطابق ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون، اچو ته ان عز?? جي تجديد ڪيون ته اسان اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم سان اڳتي وڌنداسين.