اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يه?? سيڪريٽري آمنه بلوچ سان آفريقي سفيرن پر??يه?? وزارت ۾ گڏيل ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان آفريقا دوستي جي موضوع ??حت وڻڪاري جي خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. پر??يه?? وزارت پاران جاري پڌرائي موجب پر??يه?? سيڪريٽري آمنه بلوچ پر??يه?? وزارت ۾ آفريقي کنڊ جي 14 سفيرن جي آجيان ڪئي. اها ملاقات حڪومت جي ”انگيج آفريقا پاليسي“ موجب پر??يه?? وزارت جي آفريقا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان جا آفريقا کنڊ ۾ 19 سفارتي مشنز آهن، جڏهن ته 14 آفريقي مشنز اسلام آباد ۾ قائم آهن. ان موقعي تي پاڪستان آفريقا دوستي جي موضوع ??حت وڻڪاري جي خصوصي تقريب منعقد ٿي. وزارت جي لان ۾ وڻڪاري کانپوءِ سفيرن پر??يه?? سيڪريٽري سان گڏيل ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هن پنهنجي ترجيحن ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي اهم رخن جو خاڪو پيش ڪيو. پر??يه?? سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ اسلام آباد ۾ مقرر آفريقي سفيرن جي تعاون کي ساراهيو. هن مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اعليٰ سطح جي سياسي لاڳاپن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين جي وچ ۾ واپار جي ماپي ۾ گذريل چئ?? سالن ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش موجود آهي. سلطنت مراڪش جي سفير ۽ آفريقي ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين محمد ڪارمون ان موقعي تي مٽاسٽا جي گڏيل خيالن جو موقعو فراهم ڪرڻ تي پر??يه?? سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا ۽ وڻڪاري جي بي مثال تقريب کي ساراهيو.