اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) کي نيش??ل نيوز پيپر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ??يڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيش??ل نيوز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چي?? ته اخبارون سياسي شعور وڌائڻ ۽ شهرين کي انهن جي حقن ۽ ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ کانسواءِ خبرون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اخبارون معاشري ۾ اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي فروغ ??يڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چي?? ته اخبارن جي ذريعي ماڻهن ۾ سما??ي ۽ اقتصادي مسئلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ برداشت، رواداري، بين المذاهب هم آهنگي، حب الوطني، شهري ذميواري ۽ انساني حقن جي احترام کي پڻ فروغ ??يڻ گهرجي. صدر چي?? ته اڄ جي تيز رفتار ڊيجيٽل دور ۾ جتي غلط معلومات ۽ جعلي خبرون تيزي سان وائرل ٿي سگهن ٿيون، اتي اخبارن جو ڪردار اڃان به اهم ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري چي?? ته اخبارن کي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي جعلي خبرن جي حوصلا شڪني جي لاءِ صحيح ۽ چڱي طرح سان تحقيق ٿيل خبرون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ??يڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. صدر چي?? ته هڪ ذميوار پريس خبرن جي رپورٽنگ ۾ درستگي، انصاف پسندي ۽ توازن جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکي ٿي، هڪ ذميوار پريس نه رڳو پيڙهيل آوازن کي ٻڌڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي پر اهم مسئلن تي ڌرين جي وچ ۾ صحتمند بحث پڻ پيدا ڪري ٿي، ان جي لاءِ ضروري آ??ي ته پريس کي اهم مسئلن تي ماڻهن جي رهنمائي ۽ آگاهي جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چي?? ته ان ڏينهن اسان کي هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جيڪا جمهوري نظام جي ڪاميابي سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ جي لاءِ راهه هموار ڪري سگهي.