اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن ??ي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تح??ين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 8 دهشتگردن ??ي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان اسان جو فخر آهن ۽ انهن جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي فخر آهي. هن چيو ته فتنه الخوارج جا دهشتگرد ڌر??ي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌر??ي تان خوارجي دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ??ڏ آهي.