اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان چ??و آهي، ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل ??ي وڌندڙ مهم جوئي جي شديد مذمت ڪري ٿو، شهري آبادين تي اسرائيل ??ي بي لگام حملن ۽ عالمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان جاري پڌرائي ۾ چيو آهي، ته گذريل ڪيترن ڏينهن ک??ن اسرائيلي فوج لبنان جي خودمختياري جي ناقابل قبول ڀڃڪڙي، شهري آبادي جي مرڪزن کي مسلسل نشانو بنائڻ، ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان اسرائيل ??ي جارحيت سبب متاثرن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو هن چ??و ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل کي قتل ڪرڻ جو گذريل ڏينهن اسرائيل ??و غير محتاط عمل پهرين ک??ن ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان چ??و ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اسرائيل کي خطي ۾ ان مهم جوئي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.