اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ 14 کان 17 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. ان ??وق??ي تي سي پيڪ تحت سهڪار ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري شعبن سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن تي جامع ڳالهين ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ سندس چيني هم منصب لي ڪيانگ پنهنجي پنهجي ملڪن جي وفد جي اڳواڻي ڪندا. پرڏيهي وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جي دعوت تي چين جو وزيراعظم 14 کان 17 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. چيني وزيراعظم سان پرڏي??ي معاملن جو وزير، واپار جو وزير، نيشنل ڊويلپمنٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ۽ چائنا انٽرنيشنل ڊويلپمنٽ ڪو آپريشن ايجنسي جا عهديدار ۽ اعليٰ عملدار پڻ گڏ هوندا. چيني وزيرا عظ??، صدر مملڪت آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. هو پارليماني اڳواڻن ۽ پاڪستان جي عسڪري قيادت سان پڻ ملاقاتون ڪندو. چيني وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪونسل آف دي هيڊ آف گورنمنٽ (سي ايڇ جي) جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب چين جي وزيرا عظم جو پاڪستان جو هي دورو ٻن??ي ملڪن وچ ۾ اهم شعبن ۾ شراڪتداري جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو. ان دوري سان ٻن??ي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن وارن معاملن تي سهڪار جا ??وق??ا ملندا، جڏهن ته دوري سان سي پيڪ جي ترقي ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي باقاعده خيالن جي ڏي وٺ جو ??وق??و فراهم ٿيندو.