اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلع پشين ۽ زوب ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي تعريف ڪندي چيو آه??، ته پاڪستان جي دشمنن جا ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني پکيڙڻ و??را عزم مٽيءَ ۾ ملائڻ و??ري مشن ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 5 فتنه خوارج جي گرفتاري، 2 کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار ??ادو ضبط ڪرڻ تي آفيسرن ۽ جوانن جي تعريف ڪندي چيو ته مون سميت پوري قوم وطن عزيز کي فتنه الخوارج کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات سرگرم پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.