اسلام آباد-16 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان اسپين جي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقا?? دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جنهن ۾ خاص طو?? تي پارلياماني سهڪار، واپار، عوامي سطح تي رابطن، اقتصادي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ تي غور ڪيو ويو. ملاقا?? دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.