راولپنڊي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي گذري، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب پنهنجي ??طاب ۾ پاڪ بحريه جي ??ربراهه چيو ته پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ميري ٽائيم سائنسز ٽيڪنالاجي، ڪاروبار ۽ صنعت جي ??عبي ۾ ترقي جي ??اهه هموار ڪندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان جي ??ي ڊي پي ۽ بحري شعبي جي ??رقي لاءِ نوان رستا کوليندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ميري ٽائيم سائنس پارڪ آهي،هن پارڪ جو مقصد بحري ٽيڪنالاجيز، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائبر سيڪيورٽي، اوشن رينيوايبل انرجي، سي فوڊ پروسيسنگ، جهاز سازي ۽ سامونڊي سياحت سميت ڪيترن ئي شعبن ??ي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ هڪ جديد تحقيقي ۽ ترقياتي مرڪز آهي جيڪو پاڪستان جي ??امونڊي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.