اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ??يش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج جي 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو ويو ۽ 2 کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو ويو. انسانيت جي انهن دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي م??مل خاتمي لاءِ متحرڪ آهي. دهشتگردي جي م??مل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.