اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي. قانون واري وزير نئين مقرر ٿيل ترڪيه جي سفير جي آجيان ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت ط??فان جاري بيان موجب قانون واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ت??ريخي، پُراڻن ۽ ڀائراڻن ناتن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير مختلف شعبن ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ ڊجيٽلائيزيشن، ججن جي تربيت ۽ جيلن بابت سڌارن تي تعاون جو ورجاءُ ڪيو ويو. قانون واري وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ت??ڪيه جهڙيءَ طرح ترقي ڪئي آهي پاڪستان ان مان سِکي سگهي ٿو. ٻنهي ڌُرين ڪيس مئنيجمينٽ سسٽم ۽ جيل مئنيجمينٽ سس??م جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير شاندار آجيان تي قانون واري وزير جو ٿورو مڃيو.