ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آزادا??ي سيڙپڪاري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول ۽ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو، جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن ۾ دستياب منافع بخش موقعن مان فائدو کڻن. هو ٽوڪيو ۾ جاپان پاڪستان بزنس ڪميونٽي ط??فا?? ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪمي??ي جي وفد ۾ ميرو بيني ڪارپوريشن، ٽويوٽا موٽرز، سوزوڪي موٽرز?? متسوبشي، سومي ٽومو، يونيورسا آئي ميٽلز ۽ مٽسوئي سميت مشهور جاپاني بزنس ڪارپوريشنز جا نمائندا به موجود هئا.