اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پائيدار حڪمت عملي تحت معاشري جي ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي سهولت لا??ِ 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي 5 م??ينن دوران 10 ارب جي سبسڊي ڏيڻ، ڪامياب جوان پروگرام تحت يوٽيلٽي اسٽورز جي تعاون سان 2 ??زار يوٿ اسٽور کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، مذهبي معاملن وا??ي وفاقي وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهانگائي جي خلاف عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وا??ن ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت پاران وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي.