اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) 15 جولاءِ تائين ڪورونا وبا عروج تي هجڻ ج?? امڪان کي نظر ۾ رکندي سفارش ڪئي آهي ته تعليمي ادارن کي آگسٽ تائين بند رکيو وڃي، اين سي او سي چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت ب??تس??ان ۾ انڊسٽري سان واڳيل ڪجهه ٻيا شعبا کولڻ ج?? لاءِ صوبائي حڪومتن کان تجويزون ۽ راءِ ورتي آهي، انهن جي روشني ۾ ٻيون صنعتون به کولڻ ج?? سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ??سد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.