اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر سردار اياز صادق چيو آهي ته چين جي حڪومت جي سهڪار سان بلوچستان ?? ”شي پاور“ منصوبي جي شروعات واکاڻ جوڳي آهي، منص??بو پاڪستان ?? چين جي مضبوط بنيادن تي هموار دوستي جو هڪ ٻيو زنده مثال آهي. چيني سفارتخاني ۾ بلوچستان جي عورتن جي صحت جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسڪولن جي ڇوڪرين ۾ 20 هزار هيلٿ ڪٽس ورهائڻ سان نه رڳو صحت سان ڳنڍيل معاملن کان واقفيت وڌندي پر اها ٻارڙين جي پرورش ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. صحتمند ۽ تعليم يافته عورتون خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جو بنياد آهن. هن چيو ته ا??پي??ر طور مون هميشه عورتن ۽ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن. عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ قانونسازي سان گڏ پارلياماني ويمن ڪاڪس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، جينڊر مين اسٽريمنگ بابت پارلياماني ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو. پاڪستان ?? چين هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. چين پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪ -چين اقتصادي راهداري م??ص??بو ٻنهي م??ڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪ چين اقتصادي راهداري م??صوبي ۾ واڌ خوش آئنده آهي. ا??پي??ر چيو ته پاڪستان هن دوستي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ?? چين هميشه دنيا ۾ امن کي هٿي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. بلوچستان منهنجي دل جي ويجهو آهي. بلوچستان جي عوام کي درپيش مسئلن جو حل هميشه ترجيحن ۾ رهيو آهي. پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان ڳنڍيل آهي. بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ چين جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي. چيني سفير جيانگ زائيڊنگ تقريب ۾ شموليت تي قومي اسيمبلي جي ا??پي??ر جو ٿورو مڃيو.