لنڊن – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪ برطانيا حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۾ 1.7 ملين برطانوي ??اڪ??تانين جي ڪردار کي ساراهيو آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار لارڊ چانسلر ۽ برطانيا جي سيڪريٽري آف ??سٽ??ٽ فار جسٽس شبانه محمود سان ڳالهائيندي ڪيو. شبانه محم??د ان عهد?? تي مقرر ٿيندڙ پهرين مسلمان عورت آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار لارڊ چانسلر شبانه محمود کي سندس تاريخي مقرر?? تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس ڪاميابي سمورن مسلمانن خاص طور تي ??اڪ??تانين جي لاءِ فخر جوڳي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته هو لارڊ چانسلر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي مفاد جي لاءِ ??اڪ??تان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خصوصي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. هن لارڊ چانسلر کي گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي ??اڪ??تان جي دوري جي دعوت ڏني. لارڊ چانسلر شبانه محمود مبارڪباد واري پيغام تي نائب وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته متحرڪ ??اڪ??تاني برطانوي ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.