اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خا?? چيو آهي ته شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي پاڪستان جو وجود آهي. اهڙن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي راولپنڊي ۾ شهيد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي هارون وليم جي گهر سندن خاندانن ??ي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ڪيو. ان موقعي تي واپار واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن پن??نج??ن جانين جو نذرانو پيش ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو. ه?? چيو ته قوم حوالدار محمد منير عباسي ۽ ٻين شهيدن جي جرئت کي سلام پيش ڪري ٿي جن پن??نج?? قيمتن جانين جو نذرانو پيش ڪيو. ڄام ڪمال خان شهيد حوالدار محمد منير عباسي جي ٻارن کي سندن تعليم موجب سرڪاري نوڪري ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ه?? چيو ته حوالدار محمد منير عباسي شهيد جي ٻارن کي حڪومت گهر الاٽ ڪيو آهي ۽ جنهن سرڪاري ڪو??رٽ?? ۾ هي پهرين رهندا هئا ان ۾ ئي کين رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته جيئن هو پن??نج?? ڪو??رٽ?? ويجهو آرمي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم جاري رکي سگهن. حوالدار منير عباسي 6 آگسٽ 2015ع تي دريابي واري هنڌ تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيو، سندس هڪ پُٽ ۽ 3 نياڻيون آهن جيڪي پن??نج?? پڦين سان هڪ سرڪاري ڪو??رٽ?? ۾ رهن ٿيون.جڏهن ته سپاهي هارون وليم جي رهائشگاهه تي شهيد ??ي خراجِ تحسين پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان جيڪي پارليامينٽ ۾ وڏن وڏن عهدن تي ويٺل آهيون اسان جي ذميداري آهي ته اسان پن??نج?? شهيدن جي قربانين جو احساس ڪريون ۽ سندن پونئيرن ??ي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سپاهي هارون وليم ويجهڙ ۾ ئي 21 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿي ويو جنهن جي هاڻ شادي ٿي هئي ۽ سندس عمر 29 سال هئي. وفاقي وزير شهيد جي ڪٽنب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي وارثن کي هر قسم جي حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. ڄام ڪمال خان سپاهي هارون وليم جي والد ۽ ڀاءُ سان به ملاقات ڪئي.