اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اي?? اي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو آهي ته من??نج?? تڪ ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو آهي، سم نالن کي گهارا پئجي ويا آهن، هر طرف پاڻي آهي، اي?? ڊي ايم اي هِن صورتحال ۾ به گُم آهي، وزير چوي ٿو هُنن پنج ڪلوميٽر?? تائين گئس فراهم ڪئي آهي، پر من??نج?? تڪ ۽ بدين ضلعي ۾ هڪ فرلانگ تي به گئس ناهي، وزير پاڻ هلي ڏسي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته من??نج?? تڪ ۾ ٻوڏ سبب نقصان ٿيو آهي، اي?? ڊي ايم اي کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اڃا?? تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، هِن چيو ته مُون برسات جي تباهين کي اکين سان وڃي ڏٺو آهي، گولاڙچي، بدين، ڪڍڻ، ٽنڊوباگو سميت سامونڊي پٽي ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، سم نالن کي وڏا گهارا پيا آهن جن جي ڪري هر طرف پاڻي آهي ۽ ماڻهُوءَ وڏي پريشاني ۾ ورتل آهن، پي ڊي ايم اي ڪم ڪري رهي آهي پر اي?? ڊي ايم اي وارا الائي ڪٿي گُم آهن، سارين جي فصل سميت ٻين فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ان جو ازالو ڪيو وڃي، هِن چيو ته بدين به پاڪستان جو حصو آهي ۽ ضلعي جي مسئلن جي حل لاءِ ادارن کي ??نه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هِن وڌيڪ چيو ته وزير چوي ٿو هُنن پنج ڪلوميٽر?? تائين گئس فراهم ڪئي آهي، بدين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته تيل ۽ گئس سڀ کان پهرين بدين مان نڪتو، پر من??نج?? تڪ ۽ بدين ضلعي ۾ هڪ فرلانگ تي به گئس ناهي، وزير هلي ۽ مُون سان گڏ هلي صورتحال جو جائزو وٺي ۽ ڏسي هلي پنج ڪلوميٽرن تي ڪٿي گئس مليل آهي، هِن چيو ته وزير ??نه??جي واعدي کي پُورو ڪندي من??نج?? تڪ جي ڳوٺن کي گئس فراهم ڪري.